پاويل جوڻيجو

پاويل جوڻيجو: ليکڪ ۽ صحافي پاويل جوڻيجي جو اصل نالو الهڏنو جوڻيجو ولد محمد سليمان جوڻيجو آهي. هن 3 مئي 1962ع تي ڳوٺ گهاڙِي، تعلقي ميهڙ ۾ جنم ورتو. تعليم بي. اي اٿس. صحافت جي شعبي سان وابسته آهي. هن ادب جي دنيا ۾ 1979ع کان مضمون نگار جي حيثيت ۾ پير پاتو. صحافي ۽ ڪالم نگار طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس ڪالم ۽ مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. ڪتاب ”ڏينهن ڏٺي جا سپنا“ ۽ ”پاڪستان جي سياست ۽ سياسي پارٽيون“ ڇپيل آهن. هو هن وقت ميهڙ ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو